پني عاقل واسين تي گهوٽڪي لڳ فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي

پنوعاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ) پنوعاقل جي ڳوٺ ڄام جسڪاڻي جي رھواسين عابد جسڪاڻي ۽ محمد عيسيٰ جسڪاڻي موٽرسائيڪل تي گھوٽڪي کان پنوعاقل واپس اچي رھيا ھئا ته گھوٽڪي جي بي  سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ قومي شاهراھ تي ٻن موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن حملو ڪري پسٽلن سان مٿن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي جي ۾ گوليون لڳڻ سبب ٻئي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي طبي امداد لاءِ تعلقي اسپتال پنوعاقل آندو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران طبي امداد ڪرڻ بعد ٻنهي نوجوانن کي سکر اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو ويو، ھوڏاھن ڳوٺ ڄام جسڪاڻي جي رھواسين مان معلوم ٿيو آهي ته گھوٽڪي جي پنهنجي جسڪاڻي برداري سان ڪارنھن جي مسئلي سبب اسان جي ڳوٺاڻن تي حملي جو واقعو پيش آيو آهي جنهن سبب 2 نوجوان زخمي ٿي پيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.