لکيءَ کان سکر خيرات وٺڻ ويل ناري گم،وارثن جو احتجاجي مظاهرو

لکي غلام شاھ ( ت ر) لکي غلام شاھ  لڳ ڳوٺ وزيرآباد جي رهواسڻ 47 سالن جي راڻي زال شمن ڀيل سکر جي آباد ٿاڻي جي حد مان پراسرار نموني گم ٿي وئي،15 ڏينهن  گذرڻ باوجود سندس ڪو به ڏس پتو نه ملي سگهيو. گذريل ڏينهن گم ٿيل عورت جي مڙس شمن ڀيل ۽ وارثن علي حسن ڀيل، لڪشمڻ ڀيل، ڪرشن ڀيل، جمعون ڀيل، خميسو ڀيل، عابده خاتون،آسيه خاتون، صغره خاتون، ماروي ڀيل، ثمينه ڀيل معصوم ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪري دانهون ڪيون. ان موقعي تي شمن ڀيل صحافين کي ٻڌايو هن جي گهر واري 15 ڏينهن اڳ سکر خيرات وٺڻ  لاءِ وئي هئي، جيڪا اتان گم ٿي وئي. هن خدشو ظاهر ڪندي چيو ته گهرواري کي هڪ تولي کان وڌيڪ سون جون واليون پڻ پاتل هيون لڳي ٿو ته کيس سون جي لالچ ۾ اغوا ڪيو ويو آهي. هن چيو ته گهر واريءَ جي گمشدگي جي آباد ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي پر پوليس هن مهل تائين ڪک ڀڄي ٻيڻو ناهي ڪيو. هوڏانهن علائقي ۾ چئوٻول آهن ته گم ٿيل عورت چاهيندڙ سان گهران نڪري وئي آهي.

  • خانپور مهر لڳ اسڪول مان چور سامان ٻهاري ويا

خانپورمهر ( ن ع آ ) خانپورمهر ويجهو عادلپور ٿاڻي  جي حد جي ڳوٺ درگاهي عارباڻي ۾ قائم سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سهڪار سان هلندڙ ڪڊز ايجوڪيشن اسڪول سسٽم مان نامعلوم چور چوري جي واردات ڪري فرار ٿي ويا، چور اسڪول اندر داخل ٿي دروازن جا تالا ٽوڙي 6 سولر پليٽون، پاڻي وارو موٽر، پائيپ ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويا،اسڪول آپريٽر قربان مهر ٻڌايو ته نامعلوم چور رات دير سان اسڪول اندر داخل ٿي تالا ٽوڙي اسڪول مان چوري ڪري ويا آهن، ڳوٺاڻن ۽ اسڪول انتظاميا مطالبو ڪيو ته فوري طور چوري واپس ڪرائي چورن کي گرفتار ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.