رتوديرو جي سرڪاري اسپتال ۾ عورت فوت، عملي تي غفلت الزام، ڌرڻو

رتوديرو( رپورٽ: طفيل ساريو )  رتوديرو جي سرڪاري تعلقه اسپتال ۾ ويم لاءِ آيل عورت اسپتال جي  ڊاڪٽرياڻي ۽ عملي جي مبينا  غفلت سبب فوت ٿي وئي، ان سلسلي ۾ ڄاڻ ملي آهي ته رتوديرو شهر جي نادر شاه محلي جي رهواسي بابل جلباڻي جي زال 25 ورهين جي صابرا کي وارثن ويم لاءِ تعلقه اسپتال رتوديرو ۾ داخل ڪرايو پر اسپتال ۾ موجود ڊاڪٽرياڻي ۽ عملي جي مبينا غفلت ۽ مريضه عورت تي توجهه نه ڏيڻ سبب عورت ٻار کي جنم ڏيڻ بعد فوت ٿي وئي جڏهن ته فوت ٿي ويل عورت جي وارثن پاران سرڪاري اسپتال ۾ ان وقت ڊيوٽي ڏيندڙ ليڊي ڊاڪٽر ۽ ٻئي عملي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي عورت جي مڙس بابل ۽ وارثن عالم ، سهيل ، موٽو ، رياض جلباڻي ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اسان پنهنجي عورت کي ويم لاءِ سرڪاري اسپتال ۾ کڻي آيا هئاسين جتي اسان کي سڄي رات ترسايو ويو ڊاڪٽرياڻي ۽ عملي اسان کي اها به پڪ ڏني ته ڪو به مسئلو ناهي توهان جي عورت صحيح آهي هنن چيو ته سڄي رات اسپتال ۾ هجڻ باوجود اسان کي رت جو بندوبست ڪرڻ لاءِ نه چيو ويو جڏهن ڪيس هنن کان خراب ٿي ويو ته پوءِ اسان کي اسپتال جي ڊاڪٽرياڻي ۽ عملي عورت کي لاڙڪاڻي کڻي وڃڻ لاءِ چيو اسان کيس علاج لاءِ لاڙڪاڻي کڻي وڃي رهيا هئاسون ته هوءَ حالت خراب هجڻ سبب رستي ۾ ئي فوت ٿي وئي هنن تعلقه اسپتال رتوديرو جي ڊاڪٽرياڻي ۽ عملي مٿان غفلت ڪرڻ جو الزام لڳائيندي چيو ته انهن جي لاپرواهي ڪرڻ سبب اسان جي عورت فوت ٿي وئي آهي هنن چيو ته اسان سان سراسر ظلم ڪيو ويو آهي هنن صحت کاتي جي اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪندي چيو آهي ته معاملي جي جاچ ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.