ڪينجھر ڍنڍ تان صحافي جو کيسو ڪٽجي ويو

سونڊا (ن ع آ) ڪينجھر ڍنڍ تي گھمڻ آيل سياحن جي رپورٽنگ ڪرڻ دوران نجي ٽي وي جي رپورٽر ۽ سينيئر صحافي محمود ڀنڀرو جو نامعلوم شاھينگ  کيسو ڪٽي 46 ھزار رپيا ڪڍي فرار ٿي ويا آھن، حد جي ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائڻ باوجود پوليس جيب ڪترن جو پتو لڳائڻ توڙي صحافي جا پئسا واپس ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آھي. ان سلسلي ۾ سينيئر صحافي محمود ڀنڀرو روزاني عوامي آواز سان ڳالھائيندي چيو ته ڪينجھر ڍنڍ تي سياحن جي رپورٽنگ ڪرڻ دوران رش ھئڻ سبب نامعلوم جيب ڪترن سندس کيسو ڪٽي ان ۾ پيل پئسا ڪڍي فرار ٿي ويا آھن، جيڪي پئسا دڪاندار کي ڏيڻا ھئا، رپورٽ پڻ داخل ڪرائي آھي. جڏھن تہ ٺٽي جي صحافين پريس ڪلب ٺٽو جي صدر اقبال جاکرو، جنرل سيڪريٽري عبدالوھاب شيخ، عوامي آواز جي ضلعي رپورٽر منصور جلالاڻي، حاجن سولنگي، رشيد جاکرو، نظير جاکرو، اسماعيل ميمڻ، الطاف تنيو ۽ ٻين جيب ڪترن پاران سينيئر صحافي محمود ڀنڀرو جي کيسو ڪٽي پئسا ڪڍڻ واري عمل جي سخت مذمت ڪندي ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪيو تہ جلد جيب ڪترن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي صحافي جا پئسا واپس ڪرايا وڃن، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.