اڏيري لال ۽ ڀرپاسي پاڻي اڻلڀ، فصل تباهه، آبادگار پريشان

اڏيرولعل وليج (ن ع آ) سنڌھ جي وڏي آبادي کي سيراب ڪندڙسنڌھ جي مشھور روهڙي ڪئنال ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آھي گزريل ٻن  مهينن کان پاڻي جي وڏي کوٽ ٿيئڻ ڪري روهڙي ڪئنال مان نڪرندڙن شاخن واهن ۔واٽرن تي پوکيا ويندڙ لکين ايڪڙن تي فصل سڪي تباه وبرباد ٿي ويا  جنهن جي ڪري سنڌھ جي آبادگارن کي وڏو ڌڪ رسيوآھي . روهڙي ڪئنال جنهن جو آخري ڇوڙ ريگيوليٽر ڏه دري موري اڏيرولعل آھي جتي واه ۽ شاخون پاڻي نه هجڻ ڪري بند ڪيا ويا آھن انهن جي ڪري ريگيولٽر ڏه دري موري مان نڪرندڙ واه نصير واه ۔ حيدر آباد برانچ  ۔ کسانا موري واه ۔ڀوڦاڙ شاخ ۔ سلطان پور شاخ ۔ٿاڻو مئينز شاخ ۔ اڏيرولعل برانچ سميت ٻين ۾ پاڻي جي زبردست کوٽ پيدا ڪئي وئي آھي پوکيل فصل سڪڻ لڳا ۔جڏهن ته فصلن جي پوکائي لاء پاڻي دستياب نه آھي ۔ڪمند ۔ڪيلو انبن جا باغ پاڻي نه هجڻ ڪري تباه ٿي ويا آھن جڏهن ته وونئڻ جي پوکائي پڻ سخت متاثر ٿي آھي جڏهن ته پاڻي جي کوٽ ھجڻ ڪري جتي فصل تباه ٿي رهيا آھن اتي آبي حيات به پاڻي نه هجڻ ڪري سخت خطرات۾ آھي جانورن اڄ مرڻ لڳا شھرن ۾ پاڻي جي کوٽ ٿي وئي آھي ۔ اڏيرولعل ۾ پاڻي جي کوٽ ڪري اڏيرولعل واسي سخت پريشان ٿي ويا آھن جڏهن ته آبادگار لڏو پاڻي جي هن صورتحال تي پريشاني جي عالم ۾ آھن ۔پاڻي جي اچانڪ کوٽ جو ذميوار ڪير آھي ان بابت ڪير به ٻڌائڻ لاء تيار نه آھي پاڻي نه هجڻ ڪري جتي آبادگارن کي نقصان ٿي رهيو آھي ته ٻي طرف ملڪ ۾ پڻ معاشي بحران جنم وٺندو  جنهن جي ڪري حڪومت کي فوري طور تي پاڻي جي فراهمي لاء تڪڙا اپاء وٺڻ گهرجن  ته جيئين معاشي تباهي کان بچي سگهجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.