مقصودي رند ۾ پاڻي کوٽ، انسان توڙي جانور اڃارا، مظاهرو

مقصودو رند (رپورٽ:فيض محمد سومرو) مقصودو رند جي بابو ڇن شاخ ۽ سرھاڙي شاخ  جي پڇڙي ۾ گذريل چئن مھينن کان پاڻي جي شديد کوٽ سبب ڏڪار واري صورتحال پاڻي نه ھئڻ سبب وونئڻن جي فصل جي ڪاھي  سخت متاثر آبادگارن کي مالي معاشي نقصان فاقا ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ھزارين ايڪڙ زرعي زمين بنجر بڻجي وئي پاڻي نه هئڻ ڪري چوپايو مال پکي پکڻ اڃ وگھي مرڻ لڳو آبادگارن جو احتجاجي مظاهرو خبر موجب مقصودو رند جي بابوڇن شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي جي شديد پيدا ٿي وئي آھي ۽ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آھي جنھن سبب آبادگار وونئڻن جو فصل ناھي ڪاھي جڏھن سندن چوپايو مال اڃ وگھي مري رھيو آھي جنھن سبب کين لکين رپين جو مالي معاشي نقصان رسي رهيو آهي ان حوالي سان آبادگارن محمد حسن لاکو، ذوالفقار علي رند، ممتاز علي رند ، گل بيگ رند ، دوست علي رند ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايريگيشن عملدارن جي نااهلي سبب بابو ڇن  شاخ ۽ سرھاڙي شاخ جي پڇڙين  ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي جنھن سبب اسان سخت پريشان آھيون جڏھن ته شاخن ۾ پاڻي نه ھئڻ ڪري اسان وونئڻن جو فصل ناھيون ڪاھي سگھيا ۽ اسان جو چوپايو مال اڃ وگھي مري رھيو آھي پاڻي جي کوٽ سبب ھزارين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي آهي ۽ اسان فاقا ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھيون جڏھن ته اسان جو پاڻي آبپاشي عملدارن ڳري رشوت عيوض منڍ جي زميندارن کي کپائي ڇڏيو آهي ۽ شاخن جا غير قانوني طريقي سان منڍ جا واٽر ڪورس ٽوڙي بااثر زميندار پاڻي وھائي رھيا آھن جيڪو اسان سان سراسر ناانصافي ۽ ظلم آھي  ھنن وڌيڪ چيو ته اسان جي اپيل آھي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ ٻين اعلیٰ اختیارن کي ته نااھل آبپاشي عملدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ اسان جي شاخن ۾ پاڻي ڇڏيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت کان سخت احتجاج ڪيو ويندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.