ڊگهڙي ڀرسان فصل جي ڀيل تان نينگر تي وحشياڻو تشدد

ڊگهڙي (ن ع آ) ڊگهڙي ڀرسان ڳوٺ ديهھ۔174 ۾ فصل جي ڀيل تان 12 ورهين جي نينگر تي وحشياڻو تشدد ڪيو ويو، جنهن کي اسپتال نيو ويو.زخمي نينگر جي عزيزن تعلقي اسپتال ۾ صحافين کي ٻڌايو ته منوج ۽ ساڻس گڏ ڪجهھ ٻيا ٻارڙا مينهون چاري رهيا هئا ته مٿس راجو ڪولهي، لڇمڻ ڪولهي، دادو، مانسنگهھ، رميش ۽ ماوجي ڪولهي لٺين جو وسڪارو لائي ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ نينگر بيهوش ٿي ويو، اسان کيس ڊگهڙي ٿاڻي تي کڻائي پهتاسين جتي پوليس ميڊيڪل ليٽر ڏنو سندس علاج هلندڙ آهي. هنن چيو ته سڪي ۽ سڙي ويل ٽماٽي جي فصل ۾ مينهون چارڻ تان  فصل ڀيل ڪرڻ جو ڪوڙو الزام مڙهي تشدد ڪيو ويو،جوابدارن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.