سيوھڻ(ن ع آ)سنڌ جو وڏو وزير سيد مرادعلي شاھه اڄ ڳوٺ واھڙ پھچي پنھنجي تڪ جي عوام لاءِ شام جو عيد ملن پارٽي ۾ شرڪت ڪندو. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ته وڏو وزير تڪ جي عوام سان خطاب به ڪندو ۽ ماڻھن سان ملي انھن جا مسئلا به ٻڌندو. جڏھن ته عيد ملن پارٽي انتظام به مڪمل ڪيا پيا وڃن. ھوڏانھن ذريعن وٽان اھو به معلوم ٿيو آهي ته وڏو وزير رات پنھنجي واھڙ واري بنگلي ۾ رات ترسڻ بعد صبح جو سيوھڻ ۽ آس پاس ۾ تعزيتون ڪرڻ بعد سکر لاءِ روانو ٿيندو.