ڪي اين شاهه ۾ ٻگهيا برادري ۾ جهيڙو، ماءُ، ڌيءُ ۽ پٽ زخمي

خيرپور ناٿن شاھه (ت ر) خيرپورناٿن شاه ٻورڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻورڙي ۾ ٻگهيا برادري جي ٻن ڌرين ڀاڻج ۽ مامن ۾ جهيڙو ٿي پيو ڏنڊا ۽ ڪهاڙيون لڳڻ جي نتيجي ۾ 45 ورهين جو ضميرالدين ٻگهيو سندس پيرسن امڙ مسمات بصران ۽ 26 ورهين جي سندس ڀيڻ فهميده ٻگهيو زخمي ٿي پيا زخمين کي تعلقه اسپتال خيرپورناٿن شاه آندو ويو جتي ڊاڪٽر زخمين جو علاج ڪيو جتي هڪ زخمي عورت فهميده جي حالت خراب کي وڌيڪ علاج لائي  لاڙڪاڻي اسپتال رفر ڪري ڇڏيو ، اسپتال زخمي ٿيل شخص ضميرالدين ٻگهيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مان مال جو واپاري آهيان منهنجو مامو ، ماروٽ ۽ ٻيا منهنجي مينهن کي الائي ڇا کارايو جنھن جي ڪري منھنجون چار مينهون مري ويون مان ايس ايس پي دادو کي اهڙي درخواست ڏني جنهن بعد مان انهن مٿان ٻورڙي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو جنهن تي جوابدارن منهنجي گهر اندر زبردستي داخل ٿي ڏنڊن ۽ ڪهاڙين جا وار ڪري مون کي منهنجي امڙ بصران ۽ منهنجي ڀيڻ فهميده کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو آهي حملي آور جوابدار گرفتار ڪري اسان کي تحفظ ڏئي انصاف ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.