موهن دڙي ۾ پابندي باوجود سياح پهتا، گهمڻ جي اجازت نه هئي

ڏوڪري  ( ن ع آ )  عيدالفطر عيد جي موڪلن دوران سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو تي وڏي انگ ۾ ماڻهو گهمڻ لاءِ پهتا جڏھن ته  حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا هئا،ماڻهن جي آثارن ۾ وڃڻ تي پابندي مڙهي صرف پارڪن ۾ ويهڻ جي ۽ ميوزيم ڏسڻ جي اجازت ڏني وئي ان ڏس ۾ عيدالفطر واري ڏيهاڙي عيد جي موڪلن دوران سنڌ جي مختلف ضلعن ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سکر ۽ ٻين  ضلعن کان ماڻهو فيملي وٺي موهن دڙي پهتا آيل سياحن پارڪن ۾ ويهي سيلفيون ٺاهيندا رهيا،ان موقعي تي موهن جو دڙو انتظاميه اسٽوپا گريٿ باٿ ڊي ڪي ايريا کي عام ماڻھن لاءِ عيدالفطر جي موڪلن واري ڏيهاڙي تي گهمڻ تي پابندي لڳائي وئي هئي جڏھن ته حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا هئا ،پوليس سيڪيورٽي مقرر ڪئي وئي هئي هوڏانهن موهن جو دڙو ميوزيم جي ڪيوريٽر احسان عباسي جو چوڻ آهي ته آثارن کي شديد نقصان ٿيڻ جي ڪري ثقافت کاتو طرفان آثارن کي بند ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.