ڏيپلي ۾ پبلڪ هيلٿ انجنيئر جي صحافي سان بدسلوڪي

ڏيپلو (ت ر) ڏيپلو ۾ اخباري رپورٽر سان پبلڪ هيلٿ جي انجنيئر جي  بدتميزي،  خراب نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون، صحافين، شهرين جو احتجاج۔ خبر موجب ڏيپلو شهر ۾ پاڻي کوٽ جي ڪاوش اخبار ۾ خبر  لڳڻ تان پبلڪ هيلٿ جو سب انجنيئر آپي مان نڪري ويو۔ سب انجنيئر ڪيلاش ڏيپلو تعلقه ڪاوش جي رپورٽر  رياض بجير  جي گھر جي در تي وڃي بدتميزي ڪرڻ سان گڏ اگرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ۽ ڪريل ٻولي استعال ڪئي ۔ جنهن تي ڏيپلو جي صحافين، شهري اتحاد ۽ جمعيت علماء اسلام پاران سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي احتجاج ڪيو ۽ انهن چيو ته صحافي برادري ھن پر امن احتجاج ڪري اسان صحافي برادري سان گڏ آھيون ۽ اسان انتظاميا کان مطالبو ٿا ڪريون ته ھڪ قلم ڌڻي سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ اسان پوري سنڌ ۾ احتجاج ڪنداسون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.