ڪراچي ۾ مارڪيٽ اڳواڻ جو قاتل گرفتار

گڏاپ(رپورٽر)ڪراچي ايوب ڳوٺ مارڪيٽ جي اڳواڻ ميان آصف قتل وارو معامرو۔ پوليس مک جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، تفصيل موجب، ڪراچي سھراب ڳوٺ ٿاڻي جي حد ايوب ڳوٺ ۾ پندرنھن ڏيھن اڳ ميان جي موبائيل مارڪيٽ جي اڳواڻ ميان آصف کي قتل ڪندڙ جوابدار محمد شعيب ولد محمد اصغر کي انويسٽيگشن جي ٽيم اوڀر ايس آئي او منظور لاشاري سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان گرفتار ڪري ورتو، گرفتار جوابدار مقتول ميان آصف کي قتل جو اعتراف ڪيو، ان موقعي تي ايس آئي او منظور لاشاري مڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته پندرنھن ڏيھن اڳ مقتول ميان آصف جي قتل جو ڪيس سندس ڀاء شاھد نديم جي فرياد تي نامعلوم ماڻھن مٿان داخل ڪيو ويو ھيو جنھن ته اسين سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان خفيه اطلاع تي ڪاروائي ڪندي مک جوابدار کي محمد شعيب کي گرفتار ڪري ورتو آھي جنھن وڏي مھارت سان فجر جي ٽائيم مقتول جي گھري مقتول کي قتل ڪري باآساني چادر ويڙھي فرار ٿي ويو ھيو، گرفتار جوابدار پڇا ڳڇا دوران قتل جو اعتراف ڪيو آھي، وڌيڪ پڇا ڳڇا جاري آھي جلد قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن خلاف به ڪاروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.