لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ۽ آس پاس وارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو، رولو ڪتن هڪ ئي ڏينهن 12 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو جن ۾ 19 سالن جو سلمان علي، 20 سالن جو ڪاشف علي، 40 سالن جو نادر علي، 60 سالن جي جان بيبي ۽ ٻيا شامل آهن جن کي سندن وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري ۾ قائم اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر آندو جتي سمورن زخمين کي ويڪسين ۽ علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو آهي.