ٽنڊو آدم ( ن ع آ ) ٽنڊو آدم واسي ناري هڪ هفتي کان گم وارث پريشان ڳولا ۾ مدد جي اپيل رپورٽ موجب ٽنڊو آدم جي ڀچا پاڙي جي رهواسڻ 17 سالن جي شمائلا ڌي مير چاڪر ڀچو هڪ هفتو اڳ پراسرار نموني گهران نڪري وئي آھي ان سلسلي ۾ سندس والدين پريس ڪلب پهچي ٻڌايو ته سندن ڌي جو دماغي توازن درست ناهي هڪ هفتو اڳ پراسرار نموني گهران نڪري وئي آھي جيڪا ڪافي ڳولا باوجود هٿ اچي ناهي سگهي ۔ وارثن وس وارن کي ذھني مريض ڌي جي ڳولا ۾ مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آھي