روھڙي (رپورٽ : عبدالجواد عباسي )روھڙي ويجهو ٽنڊو ٻوراھ ۾ صدام اوڏ کان ڦر، اوڏ برادري جو پٽڻي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو، ڇتي نعاري بازي پٽڻي ٿاڻي جي حد ٽنڊو ٻوراھ ۾ سماجي اڳواڻ ڪامريڊ سهڻو اوڏ کان هٿياربندن هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي موٽر سائيڪل چار موبائل فونون ۽ هڪ لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا اهڙي واقعي کانپوءِ اوڏ برادري ۾ تاءُ پکڙجي ويو اوڏ برادري پٽڻي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس شهر جو امن امان بحال رکڻ ۽ شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي، پوليس ڏوهارين جي ساٿاري بڻيل آهي هر آئي ڏينهن شهرين کان ڦر ٿئي ٿي.