نوري آباد ويجهو جيپ ڪلٽي، هڪ نينگري فوت، 3 زخمي

نوري آباد (ن ع آ) نوري آباد ويجهو موٽروي روڊ ايم نائن تي حيدرآباد کان ڪراچي ويندڙ جيپ  ۾ سوار ھڪ ئي خاندان حادثي جو شڪار،  تيز رفتاريءَ سبب گاڏي ڊرائيور جي ڪنٽرول کان نڪري ڪلٽي ٿي پئي جنھن  جي نتيجي ۾ گاڏيءَ ۾ سوار 15 ورھين جو نينگر ارشد ولد جنيد مري فوت ٿي ويو ھڪ عورت سميت ٽي ڄڻا  مسمات سڪينه جنيد مري ۽ راشد مري شديد زخمي ٿي پيا جن کي نوري آباد ٽراما سينٽر آندو ويو، حادثي جو شڪار بڻيل خاندان جو تعلق حيدرآباد سان ٻڌايو وڃي پيو جيڪي ڪراچي وڃي رھيا ھئا ته موٽروي ايم نائن تي سدا بھار ھوٽل ويجھو کين حادثو پيش آيو فوتيءَ جو مڙھ وارثن حوالي ڪيو ,ويو جيڪي لاش کي ڳوٺ کڻائي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.