پ پ سنڌ کي حق ڏيڻ ۾ ناڪام وئي:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر عبدلقادر رانٽو، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي  اڳواڻ گل حسن ڪيڙانو ۽ مٺا خان لاشاري پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ توڙي وفاقي اسيمبلين جي نام نهاد چونڊيل نمائندن سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا هڻي سنڌي ماڻهن کي پيئڻ جي پاڻي کان به محروم ڪيو آهي. پنجابي پناهگير ڳٺ جوڙ واري غير جمهوري ٽولي پيپلز پارٽي کي پاڻي جي وسيلن جي وفاقي وزارت ڏئي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا هڻڻ جو ڄڻ ته پروانو وٺي ڇڏيو آهي. عالمي قانونن، پاڪستان جي قانون توڙي اسلامي قانون مطابق سنڌو درياءَ تي اولين حق سنڌ جو آهي ۽ پيپلز پارٽي، نواز ليگ يا ڪنهن به غير جمهوري قوت توڙي انهن جي ڇاڙتن کي سنڌو درياءَ تي ڌاڙا هڻي سنڌي ماڻهن توڙي سنڌ ۾ رهندڙ آبي جيوت ۽ چوپائي مال جي نسل ڪشي ڪرڻ جو ڪو به اختيار ناهي. سنڌو درياءَ کي پنجاب جي جاگيردارن ۽ پيپلز پارٽي جي وزيرن مشيرن جي جاگير بڻايو ويو آهي. پاڻي جي وسيلن جي وفاقي وزير خورشيد شاهه رمضان جي مهيني ۾ به دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڪوڙ ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جو پاڻي پنجاب ڪو نه ٿو چورائي جڏهن ته حقيقت هي آهي ته چشما_جهلم ۽ تونسا پنجند سميت سمورن ڌاڙيل واهن ۽ ڪينالن جا منهن کولي پنجاب ۾ غير قانوني طور چانورن جا ۽ ٻيا بمپر فصل ڪري سنڌ جون زرعي زمينون بنجر بڻايون ويون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.