قمبر ۾ ڪينسر جي مرض ۾ ورتل ڳوٺاڻي علاج لاءِ مدد جي اپيل ڪئي آهي.

قمبر  ۾ ڪينسر  جي مرض ۾ ورتل ڳوٺاڻي علاج لاءِ مدد جي اپيل ڪئي آهي.

مرض ۾ مبتلا ڳوٺ هيٺيان ٻوهڙ جي رهواسي حسين علي مغيري پنهنجي گھر واري ۽ ٻين سان پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي ڪينسر ۾ مبتلا حسين علي مغيري ٻڌايو ته هو ڪيتري عرصي کان دماغ جي ڪينسر ۾ مبتلا آهي، علاج لاءِ الهه تلهه وڪڻي ڇڏيو پر پوءِ به صحتياب ناهيان ٿي سگھيو.

هن چيو ته سندس ٻچڙا معصوم ۽ ڪمائڻ جهڙا ناهن، مالي سگھه نه هئڻ ڪري علاج کان قاصر آهيان، سنڌ حڪومت ۽ سرندي وارن کي اپيل آهي ته خدا ڪارڻ علاج ڪرائي وڌيڪ تڪليفن کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.