پني عاقل لڳ 2 ڀائرن يرغمال، مزاحمت تي هڪ زخمي، ٻيو اغوا

پنوعاقل ( رپورٽ : نور محمد سومرو) پني عاقل بائيجي ٿاڻي لڳ ڳوٺ نوراجا واسي 2 ڀائر ڌاڙيلن ھٿان يرغمال، مزاحمت دوران ھڪ گولي لڳڻ سبب زخمي، ٻيو اغوا ڪري فرار ٿي ويا، پوليس ڌاڙيلن جا پيرا وڃائي واپس، گھرن  ۾ ڪھرام، خبر موجب پني عاقل لڳ بائيجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ نوراجا واسي 2 ڀائر عبدالفتح ۽ عبدالجبار ولد ڪريم بخش سميجو پاڻي جي واري تي زمين ۾ ويا ته اتي کين ڌاڙيلن يرغمال بڻائي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت دوران ڌاڙيلن فائرنگ ڪري عبدالفتح سميجو کي زخمي ڪرڻ کانپوءِ ٻي ڀاءُ عبدالجبار سميجو کي اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا، جنھن بعد پوليس ڌاڙيلن پويان وئي، جيڪا پيرا وڃائي واپس ھلي آئي، زخمي ڀاءُ سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻنھي ڀائرن سان اھڙي واردات ٿيڻ بعد سندن گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، پوليس رابطي تي ٻڌايو ته ڌاڙيلن جي پويان پوليس ويل آھي، تمام جلد ڪارروائي ڪري اغوا ٿيل کي بازياب ڪرايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.