بدين چورن جي حوالي ٿي ويو، استاد جي گهر کي ٻهارو

بدين (ڊ ر)بدين جي سول اسپتال روڊ آغا خان ليبارٽري ويجھو ڏينھن ڏٺي جو نامعلوم چور بدين نرسنگ ڪاليج جي پرنسپال فضل الدين سھڙو جي ڀاءُ  استاد رحمت الله سھڙو جي گھر جا تالا ٽوڙي لکين رپين جي ماليت جي چوري ڪري ويا پوليس گھر دڻين جي رڙين بعد رڳو سر زمين ڏسي ھلي ويئي پر چور گرفتار نه ٿي سگھيا آھن چورن جي وڏي گينگ جيڪا شھر اندر ڪيترن ئي ڏينھن کان وٺي لٿل آھي موٽر سائيڪل چوري گھرن اندر داخل ٿي چوريون ڪرڻ روز جو معمو ل بنيل آھي ايس ايس پي بدين چورين واپس نه ٿيڻ بعد سخت ايڪشن کڻڻ بجاء رڳو پوسٽ تان عملدار کي بدلي ڪري ٻئي ھند مقرر ڪري معاملي کي نئون رخ ڏيئي ڇڏي ٿو ڪينگ شھرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي شھرين پوليس جي مشڪوق ڪردار تي ڪيترا ئي سوال اٿاري ڇڏيا آھن جڏھن کان اڳوڻو ايس ايس بدلي ٿي ٿرپارڪر ويو آھي ان بعد نئين ايس ايس پي بدين کي پنھنجا ئي پوليس عملدار ناڪام بنائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.