خيرپور ۾ شهرين جو پوليس خلاف احتجاج

خيرپور (ڊ ر) خيرپور  بي سيڪشن جي ٿاڻي جي حد گلشن اويس ڪالوني جا رھواسي پوليس جي ظلمن خلاف چانڊيا موڙ کان وٺي پريس ڪلب خيرپور تائين پيادل احتجاجي مظاھرو ڪيو جنهن جي اڳواڻي تاج محمد نوناري درمحمد نوناري الله ڏنو نوناري عبدالخالق نوناري ۽ ٻيا ڪري رھيا ھيا جن صحافين کي ٻڌايو ته بي سيڪشن پوليس جا وڏا اٽالا شھباز ڏنو نوناري جي گھر ۾ زبردستي داخل ٿي گھر ۾ رکيل سونا زيور روڪ رقم سان کڻڻ سان گڏوگڏ گھر ڌڻي شھباز ڏنو نوناري کي گرفتار ڪري لاڪب ڪري ڇڏيو آهي ۽ شھباز ڏني جي ڀا۽ تاج محمد کي ڌڪ ھڻي مرنيگ ڪري ڇڏيو آهي ھن چيو ته پوليس جو ظلم ۽ ڏاڍ گذيل ھڪ مھيني کان وٺي جاري آهي جيڪو ھڪ بااثر ماڻهوَ جي چوڻ تي ڪيو پيو وڃي ھنن آ۽ جي سنڌ ڊي آ۽ جي سکر ايس ايس پي خيرپور  کان گھر ڪئي آهي ته نوٽيس وٺي  اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.