خانپور ويجھو مارواڙي برادري جي ماڻهن پاران نياڻي تي مڙس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج ڪيو ويو.

خانپور ويجھو مارواڙي برادري جي ماڻهن پاران نياڻي تي مڙس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ڳوٺ ڀيٽو ۾ ڪانجهي، مائي ڪونج، فقيرو ۽ ٻين جي اڳواڻي مارواڙي برادري جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن آڏو الزام مڙهيندي چيو ته 6 سال اڳ پنهنجي نياڻي مائي پري جي ڳوٺ ناگورو واسي نوجوان لالو سان شادي ڪرائي هئي، جنهن کانپوءِ هو مسلسل نياڻي کي قيد رکي تشدد ڪندو پيو اچي، جيڪا نياڻي سان زيادتي آهي.

هنن چيو ته جوابدار نياڻي سان ملڻ به نٿو ڏئي، مائي پري جي حياتي کي خطرو آهي، ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻيا وس وارا معاملي جو نوٽيس ظالم ناٺي خلاف ڪارروائي ڪري نياڻي کي آزاد ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.