”ڀٽو صاحب ۽ بي بي صاحبه جي جُتي ۾ پير پائڻ جھڙو ناھيان پر بلاول انھن جي جاءِ تي پھچي سگھي ٿو“

 

نواب شاهه (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته جڏهن عوام امير ٿيندو ته ملڪ امير ٿيندو، رڳو هڪ طبقي جي امير ٿيڻ سان ملڪ امير نٿو ٿي سگهي.

پ پ پارليامينٽيرينز جو صدر آصف علي زرداري پنهنجي تڪ ڪرنل ڳوٺ پهتو، جتي هن ڪارڪنن جي مان ۾ ڏنل عيد ملن پارٽي ۾ شرڪت ڪئي.

آصف علي زرداري چيو ته مان پنهنجي تڪ جي عوام جي طاقت سان سڄي دنيا ۾ حق لاءِ وڙهندو آهيان، نواب شاهه وارن هر دور ۾ منهنجو ساٿ ڏنو آهي، منهنجي ووٽرن جو مون تي حق آهي.

سندس چوڻ هو ته مان ڀٽو صاحب ۽ بي بي صاحبه جي جُتي ۾ پير پائڻ جھڙو ناھيان پر بلاول انھن جي جاءِ تي پھچي سگھي ٿو، جھيڙو وڏو آھي، اسان جون ڪوششون وڏيون آھن، مظلوم ۽ ظالم جي جنگ آھي.

هن چيو ته روز شڪلون مٽائي ايندا آھن، ڪڏھن مشرف ته ڪڏھن ضياءُ ٿي ايندا آھن ۽ ھاڻي عمران ٿي آيو آھي، مان ته پھريان ئي چيو ھيو مانس ته تون ڪون بچندين، ھي پنھنجي اعمالن جي ڪري ڪِريو آھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.