اجتماعي لڄالٽ جو شڪار ناري کي انصاف ڏيڻ بدران پوليس اهلڪارن به هوس جو نشانو بڻائي ڇڏيو

 

لکنئو (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ اجتماعي زيادتي جو شڪار ناري پنهنجي ماءُ سان گڏ رپورٽ داخل ڪرائڻ ٿاڻي پهتي ته اتي به کيس انصاف ڏيڻ بدران ٿاڻي جي انچارج زيادتي جو نشانو بڻائي ڇڏيو.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب اتر پرديش ۾ هڪ ناري کي چئن ڄڻن اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو، جنهن تي هو پنهنجي ماءُ سان گڏ رپورٽ داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي پهتي، مبينا طور تي ٿاڻي جي انچارج ساٿين سان گڏ ناري سان لڄالٽ ڪئي.

دلت ڇوڪري کي ٿاڻي ۾ جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ تي ان وقت ٿاڻي ۾ موجود 6 سب انسپيڪٽرز، 6 هيڊ ڪانسٽيبلز، 5 وومين ڪانسٽيبلز، 10 ڪانسٽيبلز ۽ ٻن ڊرائيون کي ايس ايڇ او سان گڏوگڏ معطل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جنسي زيادتي جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپي مار ٽيمون جوڙيون ويون آهن.

ياد رهي ته ڀارت ۾ هيٺين ذات سان واسطو رکندڙ ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻيل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.