وزيراعظم جو شهباز گل جي گاڏي سان پيش آيل حادثي جي جاچ جو حڪم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ شهباز گل جي گاڏي کي موٽر وي تي مبينا طور ٽڪر هڻندڙ  گاڏي جو پتو لڳايو ويو آهي، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف حادثي جا جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

موٽر وي پوليس موجب ٽڪر لڳڻ کانپوءِ گاڏي جو ڊرائيور بيهڻ بدران فرار ٿي ويو، گاڏي جي مالڪ جي به سڃاڻپ ڪئي وئي آهي.

موٽر وي پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته لاڳاپيل شخص تائين جلد پهچي وينداسين، موٽر وي جي آفيسرن تي ٻڌل ٽيم جاچ ڪري رهي آهي.

هوڏانهن وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل بيان موجب شهباز شريف حادثي جي جاچ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته انصاف جا سمورا تقاضا پورا ڪيا وڃن.

وزيراعظم شهباز شريف، شهباز گل ۽ ان جا ساٿي زخمي ٿيڻ تي ساڻن همدردي ۽ افسوس جو اظهار ڪندي کين بهترين طبي امداد جي فراهمي جي هدايت به ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.