روس جي گذريل رات 600 کان وڌيڪ يوڪريني ويڙهاڪ مارڻ جي دعويٰ

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس جي بچاءَ واري وزارت گذريل رات توپ خاني جي حملن ۾ 6 سئو کان وڌيڪ يوڪريني ويڙهاڪن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

جاري ڪيل بيان موجب هٿيارن جا 61 يونٽ ۽ فوجي سامان به تباهه ڪيو ويو آهي پر يوڪريني اختيارين طرفان اڃا تائين انهن خبرن تي ڪو ردعمل ناهي آيو.

روس کي اميد هئي ته اهو جلد يوڪرين جي اهم شهرن تي قبضو ڪري وٺندو پر اهو سخت مزاحمت کي منهن ڏئي رهيو آهي.

هوڏانهن اولهه ملڪن طرفان يوڪريني فوج کي هٿيار ۽ مدد فراهم ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.