ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن اوهان گهٽ گوشت کائيندا آهيو ته اوهان جي جسم ۾ وٽامن بي 12 جي کوٽ ٿئي ٿي ۽ اوهان کي اها کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ هيٺ ڏنل غذائون واپرائڻ گهرجن.
چڻا:
جيڪي گوشت نٿا کائين، انهن لاءِ چڻا بهترين آپشن آهن، غذائيت سان ڀرپور هجڻ کانسواءِ چڻن ۾ پروٽين ۽ فائبر جو ججهو مقدار موجود هوندو آهي.
ڏهي:
ڏهي ۾ سمورا پروبائيوٽڪس هوندا آهن، جيڪي صحت کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڪن ٿا پر هن ۾ وٽامن بي 12 به ججهي مقدار ۾ هوندو آهي.
پالڪ:
ساون پنن واريون ڀاڄيون هميشه فائديمند هونديون آهن پر انهن ۾ سڀ کان اڳڀري پالڪ آهي، هي هڪ سپر فوڊ آهي ۽ وٽامنز جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ ڪارائتي آهي.
چقندر:
وٽامن بي 12 جو پاور هائوس چڪندر کي سمجهيو وڃي ٿو، هن ۾ وٽامن بي 12 سان گڏوگڏ آئرن به هوندي آهي، جيڪا رت لاءِ ضروري هوندي آهي.