هندو ڀيڻن عيدگاهه لاءِ زمين عطيو ڪري ڇڏي

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ پنهنجي ديهانت ڪري ويل پيءَ جي خواهش پوري ڪندي ٻن ڀينرن سندن زمين عيدگاهه لاءِ عطيو ڪري ڇڏي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب برجنندن پرساد رستوگي 20 سال اڳ لاڏاڻو ڪري ويو هو، هن پنهنجن ويجهن مائٽن کي ٻڌايو هو ته هو پنهنجي زمين عيدگاهه لاءِ عطيو ڪرڻ چاهي ٿو.

پنهنجي مرحوم والد جي آخري خواهش کي پورو ڪندي ٻن هندو ڀينرن ڏيڍ ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جي زمين عيدگاهه لاءِ عطيو ڪئي.

هن نيڪ ڪم مان مسلمان متاثر ٿيا آهن ۽ هنن عيد جي موقعي تي ديهانت ڪري ويل هندو شخص لاءِ دعا ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.