هي خوبيون اٿوَ ته توهان به صبا قمر سان شادي ڪري سگهو ٿا!

 

ڪراچي (شوبز نيوز) شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا صبا قمر پنهنجي جيون ساٿي لاءِ خوبيون بيان ڪري ڇڏيون آهن.

هڪ انٽرويو ۾ هن شادي جي منصوبي ۽ مستقبل بابت ڳالهيون ڪيون.

انٽرويو ۾ هن انڪشاف ڪيو ته جڏهن به کيس ڪو سٺو انسان ملندو ته هوءَ ساڻس شادي ڪري ڇڏيندي.

مثالي جيون ساٿي جون خوبيون ٻڌائيندي هن چيو ته منهنجو جيون ساٿي همدرد هجڻ گهرجي، ڪو اهڙو شخص جيڪو منهنجي عزت ڪري ۽ مون سان محبت ڪري ۽ مجموعي طور تي هڪ سٺو انسان هجي.

ياد رهي ته هڪ ٻئي انٽرويو ۾ صبا قمر اهو به چيو هو ته هو پنهنجين شين کي ڳجهو رکڻ چاهيندي آهي ۽ شادي وارو اعلان ڪرڻ سان منصوبابندي ٺيڪ نموني ناهي ٿيندي.

ان مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته صبا قمر جنهن سان به شادي ڪندي ان بابت هوءَ تڪڙ ڪري نه ٻڌائيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.