ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو.
موسميات کاتي جي ذريعن موجب ايندڙ ٽن ڏينهن ۾ دادو، سکر، لاڙڪاڻي ۾ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي طرفان جيڪب آباد، شڪارپور، قمبر – شهدادڪوٽ، گهوٽڪي ۾ به برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
هوڏانهن ڪراچي ۾ ايندڙ 3 ڏينهن دوران موسم گرم ۽ گِهميل رهڻ جو امڪان آهي.