ڪار حادثي کانپوءِ شهباز گل جو اهم بيان سامهون اچي ويو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ شهباز گل دعويٰ ڪئي آهي ته منهنجي گاڏي جو پيڇو ڪندي ڄاڻي واڻي هِٽ ڪيو ويو.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شهباز گل چيو ته اهو هڪ منصوبي تحت ڪيو ويو، قاتلاڻو حملو ڪندڙن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته پنهنجي مولا ۽ قوم جي دعائن جي ڪري جيئرو آهيان.

سندس موجب مان ڪالهه ئي توهان کي چيو هو ته وڌ کان وڌ توهان اسان کي قتل ڪرائيندئو؟ ڪرائي ڇڏيو پر غداري نه ڪندس.

هن چيو ته مان خان سان گڏ بيٺو هيس، آهيان ۽ رهندس، اڄ قوم کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اهي خان تي به حملو ڪندا، اهي هر قيمت تي اسان کي چُپ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا.

شهباز گل چيو ته ٻاهرين سازش جي لوڪل هينڊلرز ۽ غدارن کي اها خبر آهي ته خان ۽ ان جا ساٿي چُپ نه ويهندا، انشاءَالله سڀني کي وائکو ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.