لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي ٻن شهرن ۾ ٻن ڀينرن کي سندن سڳن ڀائرن قتل ڪري ڇڏيو.
چيچا وطني جي علائقي ۾ پيش آيل واقعي ۾ ڀاءُ غيرت جي نالي تي پنهنجي ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ جوابدار جي به ڳولا جاري آهي.
ڀاءُ جي هٿان ڀيڻ جي قتل جو هڪ ٻيو واقعو اوڪاڙا ۾ پيش آيو، جتي هڪ ڀاءُ ماڊلنگ ڪرڻ تي پنهنجي ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب 22 ورهين جي سدرا فيصل آباد ۾ ماڊلنگ ڪندي هئي، مقتولا جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
واقعي جو ڪيس سندس ڀاءُ جي خلاف داخل ڪيو ويو آهي ۽ جوابدار جي ڳولا جاري آهي.