خارش ۽ جسم تي ڳاڙها نشان ڇا جون علامتون ٿي سگهن ٿيون؟

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا ۾ ڪيل هڪ تحقيق ۾ اهو پتو لڳايو ويو آهي ته خارش يا انساني جسم تي ڳاڙها نشان به ڪورونا جون امڪاني علامتون آهن.

برطانيا ۾ ڪورونا جي مختلف علامتن ۽ مسئلن تي تحقيق ڪندڙ اداري زوئي ڪووڊ اسٽڊي طرفان ڪيل تحقيق ۾ ڪورونا متاثر ماڻهن ۾ خارش ۽ جسم ۾ ڳاڙهن نشانن جي علامتن جي نشاندهي ڪئي وئي.

هي ادارو هڪ ايپليڪيشن جيان ڪم ڪري ٿو، جيڪا ڪورونا متاثر ماڻهن جي ڄاڻ گڏ ڪرڻ لاءِ آن لائن سروي ڪري ٿي.

تحقيق مان پتو پيو ته عام طور تي ٻن قسم جا ڳاڙها نشان ۽ خارش ڪورونا جون علامتون ٿي سگهن ٿيون.

رپورٽ موجب جن ماڻهن کي چڪن پاڪس جيان داڻا نڪرن ٿا ۽ خارش ٿئي ٿي، اهي امڪاني طور ڪورونا جا شڪار بڻجي چڪا هوندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.