ٽڪ ٽاڪرز لاءِ خوشخبري، هاڻ اشتهارن ذريعي ڪمائي سگهندا

 

عالمي سطح تي مقبول سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽڪ ٽاڪ وڊيوز ٺاهيندڙن لاءِ اشتهارن ذريعي ريونيو شيئرنگ پروگرام متعارف ڪرائي ڇڏيو.

مختصر وڊيو شيئرنگ ايپ ٽڪ ٽاڪ پنهنجي اربين واهپيدارن سان عالمي سطح تي هڪ مقبول ايپ بڻجي اڀري هئي پر ٽڪ ٽاڪ کي ڪريئيٽرز لاءِ مناسب قسم جو مواد مونيٽائز پروگرام فراهم نه ڪرڻ تي تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو هو.

پر هاڻ ٽڪ ٽاڪ جي نئين پلس پروگرام تحت ڪمپنيون پنهنجي اشتهارن کي خاص ڪيٽيگريز (هيلٿ، فيشن، ڪوڪنگ، گيمنگ) جي مواد ۾ شامل ڪري سگهن ٿيون.

ان حوالي سان ٽڪ ٽاڪ جو چوڻ آهي ته پروگرام جي پهرئين مرحلي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک سبسڪرائبر وارا اڪائونٽ ئي اهل هوندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.