سکر، گڊو، ڪوٽڙي بئراج ۾ 40 سيڪڙو پاڻي کوٽ

 

سکر (ويب ڊيسڪ) سکر، گڊو ۽ ڪوٽڙي بئراج مجموعي طور 40 سيڪڙو پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي رهيون آهن.

سکر بئراج ڪنٽرول روم جي انچارج تصديق ڪئي ته سکر، گدو ۽ ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي جي کوٽ آهي، جنهن سبب سکر ۽ گڊو بئراج جي ڪيترن ئي ڪئنالن کي پاڻي جي فراهمي متاثر آهي.

سکر بئراج ڪنٽرول روم جي انچارج موجب ٽئي بئراجون مجموعي طور تي 40 سيڪڙو پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي رهيون آهن.

هن چيو مٿين علائقن ۾ برساتن جو نئون سلسلو شروع نه ٿيو ته وڌيڪ بحران پيدا ٿيندو، وڌيڪ اهو ته جيڪڏهن پاڻي جي بحراني صورتحال برقرار رهي ته سنڌ ۾ فصلن کي سخت نقصان ٿي سگهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.