عمران خان جو گهيرو تنگ، حڪومت وڏو فيصلو ڪري ورتو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گوشوارن ۽ آمدني جي جاچ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن موجب حڪومت پي ٽي آءِ سينٽرل سيڪريٽريٽ جي 4 ملازمن جي بئنڪ اڪائونٽن جا تفصيل حاصل ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته جن ملازمن جا تفصيل حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، انهن ۾ طاهر اقبال، محمد نعمان افضل، محمد ارشد ۽ محمد رفيق شامل آهن، 2008 کان 2022 تائين انهن ملازمن جي نجي اڪائونٽن ۾ جيتري رقم آئي، انهن جو رڪارڊ حاصل ڪيو پيو وڃي.

ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي 4 ملازمن جي نجي اڪائونٽن ۾ ايندڙ وڏي رقم جو رڪارڊ اسٽيٽ بئنڪ کان گهرايو پيو وڃي، شاهدين جي روشني ۾ گرفتاريون به عمل ۾ اينديون.

حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ جو 2013 کان 2022 تائين جو رڪارڊ به گهرايو پيو وڃي، پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس ۾ رڳو 5 سالن تائين جي عرصي جو رڪارڊ آهي.

ذريعن موجب آزاد آڊيٽرز ذريعي رڪارڊ جي فرانزڪ جاچ ڪرائي ويندي، جڏهن ته ايف آءِ اي ۽ ايف بي آر پنهنجي پنهنجي سطح تي رڪارڊ حاصل ڪري ڪارروائي ڪندا.

حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ ۽ عمران خان جي انٽرنيشنل بئنڪ اڪائونٽن جي رڪارڊ لاءِ عالمي بئنڪن کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي دور ۾ ڊيٽا ايڪسچيج جو معاهدو ٿيو هو، جنهن تحت ڪارروائي ڪئي ويندي، معاهدي تحت ايف بي آر کي قانوني اختيار حاصل آهي ته اهو عالمي بئنڪن کان رڪارڊ وٺي سگهي ٿو.

ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته آمريڪا، برطانيا، ڪينيڊا، ناروي، فن لينڊ، نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا سميت ٻين پرڏيهي بئنڪ اڪائونٽن جو رڪارڊ حاصل ڪيو ويندو.

ذريعن موجب وفاقي حڪومت عمران خان جي گوشوارن ۽ آمدني جي جاچ ڪرائڻ جو به فيصلو ڪيو آهي، گوشوارن ۽ رڪارڊ جو جائزو وٺي قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.