”هڪ صوبيدار ۽ 4 جوان ڏيو ته حمزا شهباز کي جيل ۾ وجهي ڏيکاريان“

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيما چيو آهي ته مون کي هڪ صوبيدار ۽ 4 جوان ڏيو ته حمزا شهباز کي گرفتار ڪري جيل ۾ وجهندس.

پنهنجي بيان ۾ عمر سرفراز چيما چيو ته آئيني ۽ قانوني بحران جو شڪار پنجاب کي طاقت جي زور تي يرغمال بڻايو ويو آهي، وڏين سياسي جماعتن جي خاموشي انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي آهي.

هن چيو ته جيڪڏهن وڏو وزير بڻجڻ لاءِ حمزا شهباز جو فارمولو قبول آهي ته ٻيا صوبا پنهنجي ڳڻتي ڪن، ائين ته پوءِ اواب علوي سنڌ جو ايندڙ وڏو وزير هوندو.

سندس چوڻ هو ته مان سياسي جدوجهد دوران سدائين نيوٽرل امپائر جو مطالبو ڪيو، حقيقي معنيٰ ۾ نيوٽرل امپائر ٻنهي ٽيمن لاءِ هڪجهڙا اصول رکندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.