پنجاب ۾ آئيني بحران: گورنر جو آرمي چيف کي خط، ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيما وزيراعظم شهباز شريف کانپوءِ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي به خط لکي ڇڏيو.

پنجاب جي گورنر آرمي چيف کي صدر ۽ وزيراعظم کي لکيل خطن جي ڪاپي به موڪلي آهي.

خط ۾ عمر سرفراز چيما آرمي چيف کي پنجاب جي موجوده صورتحال ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف پنجاب ۾ آئيني فريم ورڪ تي عمل لاءِ ڪردار ادا ڪري.

خط ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن تي عوامي اعتماد بحال ڪرائڻ لاءِ به ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.