اڻ ڄاڻ شخص سان رومانس ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي: هانيا عامر

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا علي رحمان ۽ هانيا عامر جي فلم ”پردي ۾ رهندي دو“ کي عيد تي رليز ڪيو ويو، اها فلم ڪووڊ جي پابندين سبب سينما جي زينت نه بڻجي سگهي هئي.

فلم جي مک ڪاسٽ ۾ شامل ٻنهي فنڪارن جو چوڻ هو ته ڊگهي کانپوءِ فلمون پيش ٿيڻ تي ٻئي پرجوش آهن.

هانيا عامر هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته اها فلم شادي شده جوڙن ۽ اولاد نه ٿيڻ وارن معاملن تي ٺهيل آهي ۽ اهڙين فلمن کي سپورٽ ڪرڻ گهرجي.

هن چيو جيئن ته ٻنهي جي پاڻ ۾ دوستي هئي، ان لاءِ فلم ۾ گڏ ڪم ڪرڻ سان کيس ڪا ڏکيائي نه ٿي، ڪنهن اڻ ڄاڻ شخص جي ڀيٽ ۾ ڪنهن اهڙي شخص سان رومانوي سين ڪرڻ سولو آهي، جنهن کي اوهان سڃاڻو ٿا يا اهو اوهان جو دوست هجي ۽ ملندا رهندا هجو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.