روس يوڪرين تڪرار، پيوٽن جو انتهائي اهم بيان سامهون اچي ويو

 

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روسي صدر ولاديمير پيوٽن پنهنجي فرانسسي هم منصب سان ڳالهه ٻولهه دوران يوڪرين سان ڳالهين لاءِ راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب پيوٽن اڱاري ڏينهن فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون سان ٽيلي فون تي تقريبن ٻه ڪلاڪ گفتگو ڪئي، جنهن دوران هن چيو ته روس يوڪرين سان ڳالهين جي اصولي طريقي ڪار جي حوالي سان خاڪو پيش ڪيو آهي.

سندس چوڻ هو ته ڪيف جي عدم مطابقت ۽ سنجيدگي کان ڪم وٺڻ جي عدم خواهش باوجود اسان ان سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون.

ميڊيا موجب پيوٽن اولهه کان مطالبو ڪيو ته هو يوڪرين کي هٿيارن جي فراهمي جو سلسلو بند ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.