امپورٽڊ وزيراعظم پنهنجي ڀاءَ کي اين آر او ڏيڻ جو اختيار نٿو رکي: بابر اعواڻ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ بابر اعواڻ چيو آهي ته نواز شريف جي تاحيات نااهلي جو فيصلو سپريم ڪورٽ جو آهي، حڪومت کي ان جي سزا ختم ڪرڻ جو ڪو اختيار ناهي.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بابر اعواڻ چيو ته نواز شريف کي ڪرپشن تي سزا ٿي، جنهن جي خاتمي جو اختيار نيب وٽ به ناهي، ڪرپشن ۾ سزا خلاف اپيل هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، ڪيس ختم ڪرائڻ لاءِ نواز شريف کي ڏوهه مڃڻو پوندو.

هن چيو ته پلي بارگين ٿي ته ان صورت ۾ نواز شريف جا سمورا اثاثا ضبط ٿيندا، جن ۾ مي فيئر ۽ ايون فيلڊ اپارٽمينٽس به شامل آهن.

سندس چوڻ هو ته آرٽيڪل 45 ۾ سپريم ڪورٽ جي لارجر بئنچ جو فيصلو موجود آهي، آرٽيڪل 45 تحت سزا ۾ گهٽتائي يا رعايت صدر ڏئي سگهي ٿو، اين آر او 2 وٺندڙ امپورٽڊ وزيراعظم پنهنجي ڀاءَ کي اين آر او 3 ڏيڻ جو اختيار نٿو رکي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.