پرينيتي چوپڙا اداڪاري سان گڏوگڏ ٻيو ڪم به شروع ڪري ڇڏيو

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا پرينيتي چوپڙا اداڪاريءَ جي ميدان ۾ ته پاڻ مڃرائي چڪي آهي پر هاڻ هن پنهنجي آواز جو جادو جاڳائڻ به شروع ڪري ڇڏيو آهي.

پرينيتي چوپڙا اداڪاري کانپوءِ ڳائڻ به شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي واکاڻ ٿي رهي آهي.

پريانڪا چوپڙا جي سئوٽ، اداڪارا پرينيتي چوپڙا اداڪاري ۾ نالو ڪمائڻ کانپوءِ هاڻي ڳائڻ واري شعبي ۾ به پاڻ مڃائي رهي آهي، پرينيتي چوپڙا جا اڳ به ڪيترائي گانا رليز ٿي چڪا آهن.

33 ورهين جي اداڪارا ۽ ڳائڻي گذريل ڏينهن هڪ شو ۾ پراڻو گانو ”لگ جا گلي“ ڳائي شوقينن جو ڌيان حاصل ڪري ورتو.

پرينيتي چوپڙا طرفان ڳايل گاني جي وڊيو ٽوئيٽر تي وائرل ٿي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.