ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ عيد جي پهرئين ڏهاڙي ٽريفڪ حادثن ۾ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 50 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب گلشن اقبال، يونيورسٽي روڊ، لياقت آباد، اسٽيل ٽائون لنڪ روڊ تي حادثن ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڪٽي پهاڙي تي ٽريفڪ حادثي ۾ ٻن ڄڻن حياتي وڃائي.
انگن اکرن موجب بلديا ۾ هڪ ۽ حب چوڪي ويجهو حادثي ۾ ٻه ڄڻا اجل جو شڪار بڻجي ويا.
مختلف گاڏين جي ٽڪر لڳڻ سبب موٽر سائيڪل سوار حادثن ۾ فوت ٿيا، جڏهن ته 50 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، جن جو علاج هلندڙ آهي.