سڀ کان وڏا ڳَل رکڻ جي شوقين ماڊل پنهنجي شڪل ئي بگاڙي ڇڏي

 

يوڪرين سان واسطو رکندڙ اناستاسيا پوڪريشچڪ دنيا جا سڀ کان وڏا ڳَل رکڻ لاءِ انجيڪشن لڳرائي پاڻ کي تبديل ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب 33 ورهين جي يوڪريني ماڊل اناستاسيا پوڪريشچڪ تازو سوشل ميڊيا تي پنهنجي مداحن سان اهي تصويرون شيئر ڪيون آهن ۽ ٻڌايو آهي ته هن اها شڪل چونڊي آهي.

اناستاسيا ڳلن کي وڌائڻ لاءِ سرجري جي وڊيو به شيئر ڪئي، جنهن ۾ کيس سيون لڳايون پيون وڃن.

اناستاسيا پوڪريشچڪ پنهنجي 82500 فالوورز کي اپ ڊيٽ ڪندي انسٽاگرام اسٽوريز ذريعي مختلف ڪلپس شيئر ڪيون.

ياد رهي ته اناستاسياپو پهريون ڀيرو 26 ورهين جي عمر ۾ چهري ۽ جسم تي سرجريون ڪرائي شڪل تبديل ڪرائڻ شروع ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.