هيٽ اسٽروڪ سبب 25 ڄڻا اجل جو شڪار

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اولهه رياست مهاراشٽرا ۾ مارچ جي پڄاڻي کان هيل تائين هيٽ اسٽروڪ سبب 25 ڄڻا اجل جو شڪار بڻيا آهن.

رپورٽ موجب ٻن هفتن دوران رياست جي مختلف حصن ۾ گرمي پد 42 کان 46 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

سرڪاري انگن اکرن موجب ودرڀ علائقي ۾ سڀ کان وڌيڪ 15 ڄڻن جو موت ٿيو، جڏهن ته مراٺواڙا ۾ 6 ۽ اتر مهاراشٽرا ۾ 4 موت ٿيا.

رياست ۾ هيٽ اسٽروڪ جا ڪل 381 ڪيسز رجسٽرڊٿي چڪا آهن.

ڀارتي موسمياتي کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ وچ هندستان ۾ گرمي پد 47 ڊگري تائين پهچي سگهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.