طالبان عورتن جي ڊرائيونگ جا مخالف، لائسنس نه ڏيڻ جي هدايت

 

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغان طالبان جي حڪومت هرات ۾ عورتن کي ڊرائيونگ لائسنس جاري نه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب طالبان عملدارن افغانستان جي سڀ کان اسريل شهر هرات جي عملدارن کي هدايتون ڏنيون آهن ڊرائيونگ اسڪولن کي عورتن جا لائسنس جاري نه ڪرڻ ڏنا وڃن.

ڊرائيونگ اسڪولن جي نگراني ڪندڙ هرات ٽريفڪ مينيجمينٽ انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر جان آغا اچڪزئي چيو ته اسان کي عورتن کي ڊرائيونگ لائسنس جاري نه ڪرڻ جون هدايتون مليون هيون پر باضابطا لکت ۾ حڪم نه مليا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.