ماڻهن جي عيد خراب نه ڪيو: مريم اورنگزيب جو عمران خان کي جواب

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان عيد تي پنهنجي ڪوڙ ۽ زبان کي آرام ڏئي.

تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي نجي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو تي ردعمل ڏيندي مريم اورنگزيب چيو ته عوام کي عيد ۽ خوشين جو ڏينهن ملهائڻ ڏيو، عوام کي 4 سالن کانپوءِ ڪجهه رليف ۽ خوشين سان ڀريل عيد نصيب ٿي آهي.

هن چيو ته عمران خان عيد تي پنهنجي ڪوڙ ۽ زبان کي آرام ڏئي، عيد تي پنهنجي ناڪامين، ڪرپشن ۽ چورين جو ماتم بند ڪيو، 22 ڪروڙ عوام جون خوشيون خراب نه ڪيو.

واضح رهي ته عمران خان پنهنجي انٽرويو ۾ چيو هو ته فرح بهانو آهي، اصل نشانو مان آهيان، بشريٰ جي دوست ذريعي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي، جنهن جو مقصد رڳو ڪردار ڪشي آهي.

تحريڪ انصاف چيئرمين موجب چورن خلاف جهاد ۾ جيل وڃڻ ننڍي ڳالهه آهي، زندگي قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، انهن کي ڪڏهن تسليم نه ڪندس، جيستائين جيئرو آهيان وڙهندس، ڀلي آرٽيڪل 6 لڳايو ڪا پرواهه ناهي، غداري جو ڪيس هلايو، جيڪو وڻيوَ ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.