”گذريل حڪومت ڪرپشن جا رڪارڊ جوڙيا، معيشت ۾ بارودي سرنگهون وڇائي ويا آهن“

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته اسان سعودي عرب کي درخواست ڪئي آهي ته اسٽيٽ بئنڪ ۾ رکيل پئسا هلندڙ سال واپس نه وٺي.

پريس ڪانفرنس ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته سعودي عرب ۾ ڪيتريون هاڪاري شيون ٿيون، جيڪي وقت سان سامهون اينديون، اسان جي درخواست تي انهن مناسب جواب ڏنو آهي.

هن چيو ته تاريخ جا سڀ کان تيز ترين خسارا تحريڪ انصاف جي دور ۾ رهيا، عمران خان جي حڪومت ڪرپشن جا به رڪارڊ قائم ڪيا، عمران خان معيشت ۾ بارودي سرنگهون وڇائي ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته اڄ ملڪ ۾ کنڊ 2019 کانپوءِ سستي ترين آهي، يوٽيلٽي اسٽورن تي کنڊ جي قيمت 70 رپيا ڪئي وئي آهي، 20 ڪلو اٽو 1200 مان گهٽائي 800 رپيا ڪيو ويو آهي، گيهه تي 200 رپيا في ڪلو رعايت ڏني آهي، اهو سڀ وزيراعظم شهباز شريف ڪيو آهي.

مفتاح اسماعيل چيو ته حڪومت 20 هزار ارب رپيا قرض ورتو، جيڪو بجيٽ جو 80 سيڪڙو آهي، هڪ پاسي اولهه ملڪن تي سازش جو الزام لڳايو پيو وڃي، ٻئي پاسي انهن جا پنهنجا ماڻهو ٻاهر وڃي رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.