فرح بهانو آهي، اصل ٽارگيٽ مان آهيان، عدالتون تماشو پيون ڏسن: عمران خان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي اندازو نه هو ته ادارا شهباز شريف کي وزيراعظم بڻائڻ جي اجازت ڏيندا.

نجي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ته زرداري ۽ نواز شريف جو مقصد رڳو پئسو ٺاهڻ آهي، جڏهن ته انهن چورن جي فيملين جو دور آيو ته پاڪستان پوئتي ٿيو، جيڪڏهن اسان انهن کي رهڻ ڏنو ته اها ملڪ جي بدقسمتي هوندي.

سندس موجب مون کي يقين نه هو ته سازش ڪامياب ٿيندي، خبر نه هئي ته ان معاملي ۾ مختلف ڌريون شامل ٿي وينديون، شهباز شريف تي ڪيس آهن، نه سوچيو هو ته انصاف جا ادارا اهڙي ماڻهو کي وزيراعظم بڻائڻ جي اجازت ڏيندا، ڇو ته جيڪڏهن ڪنهن کي هٽائي ٻئي شخص کي آڻڻو آهي ته اهڙي شخص کي آڻيو، جيڪو بهتري آڻي.

هن چيو ته هاڻ نيب ۽ ايف آءِ اي انهن جي ڪنٽرول ۾ آهن، اچڻ سان انهن بدليون ڪري ڇڏيون، حيران آهيان ته اسان جون عدالتون تماشو ڏسي رهيون آهن، ان تي ڪو پاڻمرادو نوٽيس نٿو ورتو وڃي، نيب فرح خان تي ڪيس ڪري ڇڏيو، مهينو به ناهي گذريو انتقامي ڪارروائيون شروع ٿي ويون، فرح جو ڏوهه اهو آهي ته هوءَ بشريٰ جي ويجهي آهي.

عمران خان چيو ته فرح بهانو آهي، اصل نشانو مان آهيان، بشريٰ جي دوست ذريعي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي، جنهن جو مقصد رڳو ڪردار ڪشي آهي.

تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته چورن خلاف جهاد ۾ جيل وڃڻ ننڍي ڳالهه آهي، زندگي قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، انهن کي ڪڏهن تسليم نه ڪندس، جيستائين جيئرو آهيان وڙهندس، ڀلي آرٽيڪل 6 لڳايو ڪا پرواهه ناهي، غداري جو ڪيس هلايو، جيڪو وڻيوَ ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.