اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ورلڊ پريس فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان جو درجو ڪِرڻ تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته پاڪستان عمران حڪومت جي آخري سال پريس فريڊم انڊيڪس ۾ 12 پوائنٽون ڪِري پيو، جڏهن ته سڄي حڪومتي دور ۾ 18 پوائنٽون ڪِريو.
هن چيو ته صحافت جي آزادي جي درجي ۾ پوئتي ٿيڻ سان نه رڳو عمران خان کي صحافت جي آزادي جي شڪاري جو شرمناڪ لقب مليو پر اسان جي جمهوريت به بدنام ٿي.
Pakistan fell 12 points on Press Freedom Index during last year of Imran Khan’s govt & 18 points during his tenure. It not only earned him shameful title of "press freedom predator” but also placed our democracy in bad light. We are fully committed to freedom of press & speech!
— Shehbaz Sharif (@CMShehbaz) May 4, 2022
سندس چوڻ هو ته اسان اظهار جي آزادي ۽ آزاد صحافت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڀرپور نموني پرعزم آهيون.
واضح رهي ته عالمي صحافتي تنظيم رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز جي جاري ٿيل تازي رپورٽ موجب ورلڊ پريس فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان 12 درجا پوئتي ٿيڻ کانپوءِ هن سال 157هين نمبر تي هليو ويو آهي.